چار يار2 (ڪتاب)

چار يار2 (ڪتاب): هي ڪتاب غلام محمد شهواڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي چئن يارن (چئن خليفن) حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه ، حضرت عثمان غني رضه ۽ حـضـرت عـلـي المـرتضيٰ عه جـي حياتيءَ جو احوال ادب، احترام ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. خاص ڪري ننڍن ننڍن عنوانن ڪتاب جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. هي ڪتاب پهريائين 1950ع جي ڏهاڪي ۾ آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس پاران شايع ٿيو هو، جڏهن ته هاڻي 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور ٻيهر نئين ڇپائيءَ سان شايع ڪيو آهي. ٽن رنگن ۾ پڪي ٽائٽل سان 105 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 70 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو